جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي صدر ٿاڻي جي حد ڳوٺ احمد ميان سومرو ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ حاضر سروس فوجي اهلڪار غلام ياسين ڊومڪي گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، جنهن کي سول اسپتال منتقل ڪيو. جتان حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب شهباز ايئربيس جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. زخمي جي وارثن موجب ته نوجوان غلام ياسين فوج ۾ اهلڪار آهي پئسن جي ڏيتي ليتي تان ولي محمد پيچوھو، غلام شبير ۽ گل محمد پيچوھو گوليون ھڻي نوجوان کي زخمي ڪري ڇڏيو آھي ان سلسلي ۾ صدر پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته زخمي نوجوان جو ڀاءُ فوج ۾ اهلڪار هو جنهن جي شهادت کانپوءِ سالن پئسن جي ڏيتي ليتي تان نوجوان کي زخمي ڪيو ويو زخمي کي سول اسپتال مان ايئربيس جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.