ڇاڇرو (ن پ ا) ٿرپارڪر ۾ برساتن بعد نانگ بلائون ٻرن مان نڪري آيون، ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن جي مختلف ڳوٺن ۾ هڪ ڏينهن ۾ نانگن جا ڪکيل  9 ڄڻا ڇاڇرو تعلقي اسپتال داخل ڪيا ويا، مريضن ۾  سريش ڪمار، اعجاز علي، لجپت، محمد علي، اسلم، ميوو، ڌنو، مٺو۽ قائمان شامل آهن، مريضن جي وارثن جو چوڻ هو ته نانگ بلائن جي ويڪسين جيڪا ڇاڇرو اسپتال ۾ آهي اها لوڪل ڪمپنين جي هجڻ ڪري هڪ هڪ مريض کي 10 کان 12 انجيڪشن لڳايا وڃن ٿا، ان باوجود مريضن جي  طبيعت بهتر نٿي ٿي، جنهن ڪري  مريضن کي حيدرآباد ريفر ڪيو وڃي ٿو.