اسلام آباد (م ڊ) گهرو وزارت تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي دهشتگردي واري ڪيس مان بري ڪرڻ جي حمايت ڪندڙ ٻن پراسيڪيوٽرن کي عهدن تان برطرف ڪري ڇڏيو. گهرو وزارت نوٽيفڪيشن جاري ڪندي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ مقرر ٿيل اسپيشل پبلڪ پراسڪيوٽر عامر سلطان گورايا ۽ فاخره عامر سلطان کي هٽائي ڇڏيو. ٻنهي پبلڪ پراسيڪيوٽرن عمران خان ۽ پي ٽي آءِ قيادت کي پارليامينٽ تي حملي واري ڪيس ۾ بري ڪرڻ جي حمايت ڪئي هئي، جن کي هٽائڻ لاءِ ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد گهرو وزارت کي خط لکندي چيو ته ٻنهي پراسيڪيوٽرن کي عهدن تان هٽايو وڃي، جنهن کانپوءِ سندن برطرفي وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. . 2022ع ۾ اسلام آباد جي دهشتگردي واري عدالت پارليامينٽ تي حملي واري ڪيس ان وقت جي وزيراعظم عمران خان کي بري ڪيو. ياد رهي ته 2014ع پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي ڌرڻي دوران ڪارڪنن پارليامينٽ، پي ٽي وي هيڊڪوارٽر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ نواز ليگ حڪومت عمران خان ۽ ڊاڪٽر طاهرالقادري سميت 70 ڄڻن تي سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جو ڪيس داخل ڪيو هو.