تهران(م ڊ) ايراني پاسدرانِ انقلاب انٽيليجنس يونٽ جي سربراهه حسين طائب کي عهدي تان هٽايو ويو آهي. 12 ورهين تائين پاسدارن انقلاب انٽيليجنس يونٽ جي سربراهه رهندڙ حسين طائب کي  پاسدرانِ انقلاب جي ڪمانڊر ان چيف ميجر جنرل حسين سلامي جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي. محمد ڪاظمي کي پاسدرانِ انقلاب انٽيليجنس يونٽ جو نئون سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي. ايراني ميڊيا طرفان حسين طائب کي عهدي تان هٽائڻ جو ڪارڻ ناهي ڄاڻايو ويو. رپورٽن موجب اسرائيلي ميڊيا حسين طائب تي ترڪي ۾ اسرائيلي سياحن تي امڪاني ايراني حملي ۾ ملوث هئڻ جي الزام لڳايو هو.