ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي)سنڌ ۾ پي ايس ٽيز ۽ جي ايس ٽيز جي ڀرتين بابت پرڳڻي جي 15 ضلعن ۾  29255  خالي جاين بابت حتمي رپورٽ  تعيلم کاتي جي اختيارين حوالي ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  پي ايس ٽيز ۽ جي ايس ٽيز جي خالي جاين بابت شروعاتي رپورٽ تي سيڪريٽري تعليم پاران اعتراض وارڻ کانپوءِ نوشهروفيروز، شهيد بينظيرآباد، سانگھڙ، گھوٽڪي، حيدرآباد، سکر، ٽنڊوالهيار، ٽنڊومحمد خان، بدين، لاڙڪاڻو، خيرپور، عمرڪوٽ، ڪشمور، ڄامشورو ۽ جيڪب آباد ضلعن جي اختيارين پاران خالي جاين جو ٻيهر جائزو وٺڻ بعد حتمي رپورٽ تعليم کاتي حوالي ڪئي وئي آهي، جنهن موجب  انهن ضلعن ۾ پي ايس ٽي جون 21379 ۽ جي ايس ٽي جون 7876 جايون جملي 21379 جايون خالي آهن، رپورٽ موجب   گھوٽڪي ضلعي ۾ جي اِي ايس ٽيز جون سافٽ ايرياز ۾ 455 ۽ هارڊ ايرياز ۾ 7، پي ايس ٽيز جون سافٽ ايرياز ۾ 515 ۽ هارڊ ايرياز ۾ 410، پي ايس ٽيز سيڪنڊري سائيڊ تي سافٽ ايرياز ۾ 677 ۽ هارڊ ايرياز ۾ 702 جايون خالي ڏيکاريون ويون آهن، نوشهروفيروز ۾ جي اِي ايس ٽيز جون 685، پي ايس ٽي پرائمري جون 1051، سيڪنڊري جون 587، حيدرآباد ۾ جي اي ايس ٽيز جون 808، پي ايس ٽي سيڪنڊري جون 277، پرائمري جون 981، ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ جي اِي ايس ٽيز جون 403، پي ايس ٽيز پرائمري جون 517 ۽ پي ايس ٽيز سيڪنڊري جون 55 ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ جي اِي ايس ٽيز جون 266، پي ايس ٽي پرائمري جون 634 ۽ سيڪنڊري جون 290 جايون خالي ظاهر ڪيون ويون آهن. بدين ضلعي ۾ جي اِي ايس ٽيز جون 609، پي ايس ٽي پرائمري جون 1375 ۽ سيڪنڊري جون 684، لاڙڪاڻي ضلعي ۾ جي اِي ايس ٽيز جون 385، پي ايس ٽي پرائمري جون 1632 ۽ پي ايس ٽي سيڪنڊري جون 183، خيرپور ضلعي ۾ جي اِي ايس ٽي جون سافٽ ايريا ۾ 988، هارڊ ايريا قرار ڏنل يونين ڪائونسلن ۾ 65، پي ايس ٽي سيڪنڊري جون سافٽ ايرياز ۾ 837 ۽ هارڊ ايرياز ۾ 27، پي ايس ٽي پرائمري جون سافٽ ايريا ۾ 1831 ۽ هارڊ ايريا ۾ 97 جايون خالي ڏيکاريون ويون آهن. عمرڪوٽ ضلعي ۾ جي اي ايس ٽيز جون سافٽ ايريا ۾ 615، هارڊ ايرياز م 108، پي ايس ٽيز پرائمري جون سافٽ ايريا ۾ 596 ۽ هارڊ ايرياز ۾ 136، پي ايس ٽيز سيڪنڊري جون سافٽ ايرياز ۾ 640 ۽ هارڊ ايرياز ۾ 35 جايون خالي آهن. سکر ۾ جي اِي ايس ٽيز جون 801، پي ايس ٽيز سيڪنڊري جون هارڊ ايرياز ۾ 6، سافت ايرياز ۾ 443، پي ايس ٽي پرائمري جون سافٽ ايرياز ۾ 501 ۽ هارڊ ايرياز ۾ 99 جايون خالي ڄاڻايون ويون آهن. جيڪب آباد ضلعي ۾ جي اِي ايس ٽيز جون سافٽ ايرياز ۾ 278 ۽ هارڊ ايرياز ۾ 32، پي ايس ٽي پرائمري جون 933 ۽ پي ايس ٽي سيڪنڊري جون 169، ڄامشوري ضلعي ۾ جي اِي ايس ٽيز جون سافٽ ايرياز ۾ 237 ۽ هارڊ ايرياز ۾ 60، پي ايس ٽي سيڪنڊري جون سافٽ ايرياز ۾ 160 ۽ هارڊ ايرياز ۾ 36، پي ايس ٽي پرائمري جون سافٽ ايريا ۾ 434 ۽ هارڊ ايرياز ۾ 204 خالي جايون ڏيکاريون ويون آهن. ڪشمور ضلعي ۾ جي ايي ايس ٽيز جون سافٽ ايرياز ۾ 249 ۽ هارڊ ايرياز ۾ 19، پي ايس ٽي پرائمري جون سافٽ ايرياز ۾ 471 ۽ هارڊ ايرياز ۾ 151، پي ايس ٽي سيڪنڊري ۾ سافٽ ايرياز جون 67 ۽ هارڊ ايرياز جون 4 جايون خالي آهن. جڏهن ته سانگهڙ ۾ جي اي ايس ٽيز جون سافٽ ايرياز ۾ 743 7 هارڊ ايرياز ۾ 66، پي ايس ٽي پرائمري جون سافٽ ايرياز ۾ 2030 ۽ هارڊ ايرياز ۾ 147، پي ايس ٽيز سيڪنڊري جون سافٽ ايريا ۾ 746 ۽ هارڊ ايريا ۾ 19 جايون خالي آهن.