دماغي توازن وڃائي ويٺل پوليس ڪانسٽيبل جي دردناڪ ڪهاڻي

0
400

ڪراچي(رپورٽ: صدام ڪولاچي) شڪارپور سان واسطو رکندڙ پوليس ڪانسٽيبل عمران علي ڪلر غربت ۽ مفلسي سبب دماغي توازن وڃائي ويٺو آهي

پوليس ڪانسٽيبل عمران علي ڪلر چئن ٻارن جو پيءُ آهي، پوليس کاتي سندس علاج ڪرائڻ بدران کيس نوشهرو فيروز بدلي ڪري ڇڏيو

دماغي حالت خراب ٿيڻ جَي ڪري ڪانسٽيبل جڏهن ڊيوٽي تي نه پهتو ته سندس پگهار بند ڪئي وئي، پوليس ڪانسٽيبل جي ڀاءُ جڏهن سوشل ميڊيا تي پنهنجي ڀاءُ جي حالت ۽ پوليس کاتي جي ورتاءُ بابت پوسٽ رکي ته سندس مذاق اڏايو ويو

جڏهن پوليس ڪانسٽيبل جي ڀاءُ عرفان ڪلر سان رابطو ڪيو ويو ته هُن ٻڌايو ته مان منهنجا پنهنجا 5 ٻار آهن، جيڪي غربت سبب لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور آهن، پوليس ڀلي پنهنجي پٽي ڀائي کي وساري ڇڏي، علاج نه ڪرائي پر مان کيس نٿو ڇڏي سگهان

پوليس ڪانسٽيبل جي وارثن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪانسٽيبل عمران علي ڪلر جو نه رڳو علاج ڪرايو وڃي پر ساڻس ٿيل ورتاءُ جي جاچ پڻ ڪرائي وڃي