عمران سميت پي ٽي آءِ قيادت کي گرفتار ڪيو وڃي، صدر مستعفي ٿئي: فضل الرحمان

0
218
ڊي آءِ خان ۾ مولانا فضل الرحمان تي حملو، جي يو آءِ سربراهه محفوظ رهيو، آواران ۽ باجوڙ ۾ آپريشن، 8 دهشتگرد مارجي ويا
ڊي آءِ خان ۾ مولانا فضل الرحمان تي حملو، جي يو آءِ سربراهه محفوظ رهيو، آواران ۽ باجوڙ ۾ آپريشن، 8 دهشتگرد مارجي ويا

اسلام آباد: پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته رڳو عمران خان نه، سڄو ٽولو ڏوهي آهي، پي ٽي آءِ جِي قيادت کي بنا دير گرفتار ڪرڻ گهرجي

اسلام آباد ۾ پي ڊي ايم جي اجلاس بعد بريفنگ ڏيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران خان رياست کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ عالمي مدد حاصل ڪئي

هن چيو ته عمران خان اسرائيل ۽ ڀارت کان به مدد ورتي، ثابت ٿي ويو آهي ته عمران خان پرڏيهي ڪٺ پُتلي آهي

فضل الرحمان چيو ته عمران خان اليڪشن ڪميشن کي بليڪ ميل ڪري رهيو آهي، سندس گهريلو ملازمن جَي نالن تي اڪائونٽس کوليا ويا، اُنهن ملازمن کي گرفتار ڪري جاچ ڪئي وڃي

پي ڊي ايم سربراهه چيو ته عارف علوي کي  صدارت ۽ پارٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي