اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيف اليڪشن ڪمشنر اسٽيبلشمينت جي سفارش تي لڳائڻ جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته اليڪشن ڪمشنر اسان کي فارن فنڊڊ چئي اسان جي توهين ڪئي آهي. ان خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل وينداسين، ڇا اسان آرمي چيف جي مقرري لاءِ سڄي ملڪ کي بيهاري ڇڏيون؟ خانگي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ جهڙي احمقاڻي رپورٽ ناهي ڏٺي، اليڪشن ڪميشن ٻه رپورٽون ٺاهيون، هڪ رپورٽ ڪنهن جي فرمائش تي شامل ڪئي وئي، جنهن ۾ چيو ته پي ٽي آءِ فارن فنڊڊ آهي، اليڪشن ڪميشن حڪومت سان گڏ سازش ۾ ملوث آهي.

هن چيو ته شهباز شريف، آصف زرداري چونڊن ۾ شڪست جي خوف سبب چونڊن جو اعلان نه پيا ڪن، اهي ملڪ کي نه پر رڳو پنهنجي دولت بچائڻ جو سوچي رهيا آهن، اسان چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺنداسين، سڀني سيٽن تي چونڊون ڪرايون وڃن. سندس چوڻ هو ته اسان کي نومبر ۾ آرمي چيف جي مقرري جو سوچڻ بدران هن وقت ملڪ جو سوچڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته حالتون تمام خراب آهن، ٽيڪسٽائل فيڪٽريون بند ٿي رهيون آهن، توانائي جو سخت بحران آهي، جنهن ڪري ماڻهن جا روزگار بند ٿي رهيا آهن، مهانگائي ڏينهو ڏينهن وڌي رهي آهي، عوام جي پريشانين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ته اهڙي صورت ۾ اسان کي معيشت جو سوچڻ گهرجي، سمورن مسئلن جو تڪڙو حل فوري ۽ شفاف چونڊون آهن. هن چيو ته هي وقت اهو فيصلو ڪرڻ جو نه آهي ته آرمي چيف ڪير ٿيندو پر اهو فيصلو ڪرڻ جو وقت آهي ته هن ملڪ کي بحران مان ڪيئن ڪڍڻو آهي؟ فوج نيشنل سيڪيورٽي جو تمام وڏو حصو آهي،

پاڪستان جي پوزيشن گذرندڙ ڏينهن سان هيٺ ٿيندي پئي وڃي، حڪومت چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪري پوءِ اسان ويهي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. پر پ پ ۽ نواز ليگ جي ذهن ۾ هڪ ئي ڳالهه آهي ته ڪيئن به ڪري پي ٽي آءِ کي راند کان ٻاهر ڪري ڇڏين، پر هي ڪامياب نه ٿيندا ڇاڪاڻ ته عوام اسان سان گڏ آهي. عمران خان اعلان ڪيو ته اسان اليڪشن ڪمشنر خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ وينداسين، اسان اليڪشن ڪميشن سامهون پرامن احتجاج به ڪنداسين، ريڊ زون نه وينداسين. تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته پ پ ۽ ن ليگ جا وڏا وڏا سيٺ پاليل آهن، جن کان اهي پئسو وٺندا آهن، يوسف رضا گيلاني جي سينيٽ اليڪشن ۾ پئسو استعمال ٿيو، انهن سان گڏ اليڪشن ڪميشن به حڪومت سان مليل آهي. ملڪ بچائڻ لاءِ تڪڙيون چونڊون ضروري آهن.

هن چيو ته جن ماڻهن کي سزائون ملڻيون هيون، انهن کي سازش تحت اسان جي مٿان ويهاريو ويو، اڄ انهن جي ڪري نيشنل سيڪيورٽي کي خطرا آهن، اڪنامڪ سيڪيورٽي متاثر ٿيندي ته نيشنل سيڪيورٽي به متاثر ٿيندي. هن چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري جي نالي تي جڏهن ڊيڊلاڪ ٿيو ته نيوٽرلز اسان سان رابطو ڪيو ۽ چيو ته اسان توهان کي اهڙو اميدوار ڏيون ٿا جنهن تي توهان ٻنهي (حڪومت ۽ اپوزيشن) کي اعتراض نه هوندو، آئون مقرري کان اڳ سڪندر سلطان کي نه سڃاڻندو هئس، مون چيو ڊيڊلاڪ ٿيو آهي توهان نالو ڏئي رهيا آهيو ته ٺيڪ آهي. سلطان سڪندر جو نالو سامهو آيو ته ماڻهن گوڙ ڪيو ۽ دعويٰ ڪئي ته هي نواز ليگ جو ماڻهو آهي، مون نيوٽرلز کي ٻڌايو ته توهان چيو هو ته هي نيوٽرل آهي، نيوٽرلز چيو ته اسان گارنٽي ٿا ڏيون ته هي نيوٽرل رهندو، اسان ايتري وڏي حماقت ڪئي اهو مڃي سڪندر سلطان کي رکي ڇڏيو، ان بعد چيف اليڪشن ڪمشنر پهرئين ڏينهن کان اسان جي خلاف فيصلا ڏنا انهن مان 8 عدالتن رول بيڪ ڪري ڇڏيا. هن چيو ته ڇا نيوٽرلز کي نظر نه پيو اچي ته ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟

اسان ٻڌائينداسين ته ڪيئن پئسا گڏ ڪيا ويا، 18 هين ترميم ۾ ٻنهي پارٽين تمام غلط فيصلا ڪيا آهن. نگران حڪومت لاءِ هي ٻئي پاڻ ۾ فيصلا ڪري ڇڏيندا آهن. اليڪشن ڪميشن خلاف ٻن اسيمبلين ٺهراءُ پاس ڪيا آهن، معاشي سيڪورٽي متاثر ٿيندي ته قومي سلامتي به متاثر ٿيندي، هن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان ڌانڌلي ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي. ان سان ڌانڌلي جا 130 طريقا ختم ٿي ويندا آهن. هار جي ڊپ کان زرداري ۽ نواز شريف ملڪ کي داءُ تي لڳائي رهيا آهن. پي ٽي آءِ خلاف هڪ ڏينهن ۾ هنن 17 پريس ڪانفرنسون ڪيون. هن چيو ته  مون کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻو ئي نه آهي پاڪستان ۾ مطمئن آهيان پاڪستان ۾ ئي رهندس. نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ تي حڪومت جا ٿورا مڃيندس. هن چيو ته اسان کي اهڙي ڪا حرڪت نه ڪرڻ گهرجي جنهن سان افغانستان سان ناتا خراب ٿين. هڪ حلف نامو هوندو آهي ته هي منهنجا اثاثا آهن، شوڪت خانم جي 18 ارب جي بجيٽ آهي ڇا ان جي رپئي رپئي جو مون وٽ حساب هوندو آهي؟ مون کي اڪائونٽنٽ رپور؛ٽ تي بريفنگ ڏيندا آهن آئون انهن جي منظوري ڏيندو آهيان. ڪنهن به قانون ۾ ناهي ته سمنڊ پار پاڪستانين کان پئسا نه ٿا وٺي سگهجن. جيئن آمريڪا ۽ انگلينڊ ۾ سياسي پارٽيون پئسا گڏ ڪنديون آهن تيئن اسان به ڪندا آهيون.