دريا خان مري (ن پ ا) دريا خان مري باء پاس تي پنڪچرن جي دڪان تي بيٺل لوڊر رڪشا کي اوچتو باھ لڳي وئي، دڪاندارن فوري طور تي رڪشا کي لڳل باھ کي وسائي وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچائي ورتو، ان حوالي سان رڪشا ڊرائيور انور سومرو ٻڌايو ته لوڊر  رڪشا بيھاري شھر مان سودو وٺڻ ويس ته اوچتو رڪشا کي باھ لڳي وئي، دڪاندارن باھ وسائي ڀرسان پيٽرول پمپ سميت ڀر وارن دڪانن کي سڙڻ کان بچائي ورتو.