ڪلوئي (ن پ ا) تعلقي ڪلوئي ۾ لمپي وائرس وگهي 7 ڍور مري وڃڻ واري مامري جو  لائيواسٽاڪ کاتي نوٽيس ورتو، لائيواسٽاڪ کاتي جي ٽيمن ڪلوئي تعلقي جي ڳوٺ ڪنڊارو سومرا ۾ پهچي بيمار ڍورن کي  ويڪسين ڪئي، ان حوالي سان  وٽرنري  آفيسر ڊاڪٽر عبدالقدير چيو ته اسان برساتن کان اڳ چوپائي مال کي وئڪسين مڪمل ڪئي آھي، باقي جيڪي بئراجي علائقن ڏانهن مال ويل هو انهن کي هاڻي وئڪسين ڪري رهيا آھيون.