ميھڙ(ن پ ا)ميهڙ ۾ سول جج جي ڀاءُ سميت  ٻن ڄڻن کان ڦر ٿي وئي آهي.ان ڏس ۾ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد سنڌي ٻٽڙا روڊ تي نورشاھ درگاهه ڀرسان هٿياربند سول جج محمد انعام ڪلھوڙو ۽ وڪيل عبدالصبور ڪلهوڙو جي ڀاءُ مصور ڪلھوڙو سندس ساٿي آڌار چانڊيو کي روڪي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي کانئس موٽر سائيڪل 4 موبائل سيٽ ۽ روڪ رقم ڦر ڪئي جڏهن ته ڦر دورن مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن گوليون هڻي ٻنھي نوجوانن کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا زخمين کي تعلقي اسپتال ميهڙ آندو ويو جتي کيس طبي امداد بعد لاڙڪاڻي نيو ويو واقعي جو اطلاع ميهڙ ٿاڻي تي ڏنو ويو آھي جڏهن ته پوليس ڪابه ڪاروائي ڪري ناهي سگهي واضع رهي ته ميهڙ ۾ بدامني ۽ پوليس خلاف واپارين اڄ شٽربند هڙتال به ڪئي هئي پر ان باوجود به بدامني تي ضابطو نه اچي سگھيو آھي