مورو (ن پ ا) مورو ويجھو فيڪٽري جي مزدورن پاران ٺيڪيداري نظام ۽ اجرت نه وڌائڻ خلاف ٽئين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي پورهيتن دانهيندي چيو ته فيڪٽري ۾ اسان کي جائز حق نه ملي رهيا  آهن،  حڪومت طرفان پورھيتن جي 25000 ھزار اجرت مقرر ڪئي وئي آهي، پر اسان ھن وقت بہ 11000 ھزار رپيا پگھار کڻي ڪم ڪري رھيا آھيون، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اجرت وڌائي انصاف ڪيو وڃي.