اوڏيرولال (ن پ ا)  اڏيري لال ۾ پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي ڌمڪيون ملڻ خلاف احتجاج ڪيو. ناري نسرين کوسو ۽ سندس مڙس نادر علي کوسو دانهيندي ٻڌايو ته اسان ڪجهه ڏينهن اڳ  حيدرآباد هاءِ ڪورٽ ۾ پسند جو پرڻو ڪيو آهي جنهن بعد ڇوڪري جا وارث ايوب کوسو ، علي گل ڪليري خادم کوسو حنيف کوسو امير کوسو،غمشاد کوسو ،گهرام کوسو ،اپني کوسو ،حيدر ڪليري، خادم کوسو مبين کوسو، سميت ٻيا عزيز ۽ علائقي جا بااثر ماڻهو اسان کي موتمار ڌمڪين سميت ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڌئي رهيا آهن ۽ شادي کان پوءِ اهي اسان جي جان جا ويري بڻجي ويا آهن. اسان کي تحفظ ڏنو وڃي