ڪنشاسا(انٽرسٽنگ نيوز) آفريڪي رياست ڊيموڪريٽڪ ري پبلڪ ڪانگو ۾ شديد برساتن دوران درياءُ پار ڪرڻ لاءِ ٺاهيل پُل خاص مهمان طرفان افتتاح دوران ڪِري پئي. عالمي ميڊيا موجب ڪانگو ۾ هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي ڪافي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته خاص مهمان پل جو افتتاح ڪري رهيو آهي جيئن ئي ربين ڪٽي ته ان دوران پل ڪِري پئي. پل ڪرڻ وقت ان پل مٿان خاص مهمان ۽ هڪ عورت آفيسر به موجود هئا جيڪي خوف ۾ مبتلا ٿي ويا ۽ مدد لاءِ سڏيندا رهيا. اتي موجود فوٽو گرافرز ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن پل تي بيٺل اختيارين کي ريسڪيو ڪيو. ان پل جي جاءِ تي پهريان ڪاٺيءَ جي پل هئي جيڪا هر برسات ۾ ٽٽي پوندي هئي ۽ علائقي واسين کي درياءُ پار ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش ايندي هئي ان لاءِ ڪاٺيءَ جي پل جي جاءِ تي لوهه جي پل ٺاهي وئي هئي. ڪانگو جي هڪ صحافي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته پل جي تعمير ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيندو ته ايئن ئي ٿيندو. سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ تي واهپيدار مزي مزي جا ڪمنٽس ڪري رهيا آهن هڪ واهپيدار لکيو ته ايئن لڳي رهيو آهي ڄڻ پل کي ربين سنڀالي بيٺل هئي، جيئن ئي ربين ڪٽي وئي ته پل هيٺ ڪري پئي.