پنگريو (رپورٽ: علي مراد شاهه)   صوبائي وزير اسماعيل راهو ۽ ڊي سي بدين جي برسات متاثر علائقي حاجي دين محمد ڪمبوه  ۾ اچڻ تي متاثرن جي سھپ ختم ٿي وئي.  10 ڏينھن کان ايم ايم ڊي جو گھارو نه ٻڌڻ ۽ متاثرن ۾ راشن ۽ تنبو نه ورهائڻ تي متاثرن صوبائي وزير ۽ فوڪل پرسن اسماعيل راهو جي گاڏي کي روڪي ورتو. ان موقعي تي  صوبائي وزير جي سامهون متاثرن جي ٻن گروپن ۾ جهيڙو به ٿي پيو ۽ هڪ ٻئي تي لتن مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو. اھڙي صورتحال بعد پوليس ڪوشش ڪري صوبائي وزير ۽ ڊي سي بدين کي ماڻهن جي گهيراء مان ڪڍي ورتو. ٻئي شخصيتون ماڻھن ۾ تاء ڏسي دؤرو اڌ ۾ ڇڏي کسڪي ويون. ھوڏانھن پنگريو پريس ڪلب اڳيان گھاري متاثرن مير محمد بخش اڪبر چانڊيو سڄڻ ڀيل نوراحمد زنگيجو ۽ ٻين ايم ايم ڊي جي گھاري کي 10ڏينھن گذرڻ باوجود نه ٻڌڻ خلاف سخت احتجاج ڪيو جتي ھنن چيو ته صبح تائين گھارو نه ٻڌو ويو ته پنگريو شھر ۾ شٽر بند ھڙتال ڪئي ويندي. ٻي پاسي 10ڏينھن گذرڻ باجود ايم ايم ڊي جو گھارو نه ٻڌجي سگھيو پاڻي پنج ھزار کان وڏي آبادي رکندڙ ڳوٺ حاجي محمد ڪمبوه جي شيخ پاڙي ۾ داخل ٿي ويو آهي.  پنگريو ڏانھن ايندڙ پاڻي جو دٻاء شادي سمال واه تي وڌڻ لڳو آهي، گھاري جو پاڻي ايل بي او ڊي جي 238آر ڊي جي پراڻ ڍوري جي ڏنل بند سان ٽڪرائجي واپس علائقن ۾ چاڙھ ڪرڻ لڳو آهي. واضح رهي ته پنگريو جي ٻڏڻ جي امڪان سبب کوسڪي باء پاس تي سنڌ سرڪار سينٽ سٽي قائم ورتي آھي.