نئين دهلي(انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ هڪ حيرت جوڳو واقعو پيش آيو جتي اٺين ڪلاس جي شاگردياڻي جي ماءُ پنهنجي ڌيءُ کان وڌيڪ نمبر کڻندڙ شاگرد کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ڀارت جي پدوچيري شهر ۾ پيش آيل واقعي ۾ هڪ شاگردياڻي جي ماءُ ڌي جي ڪلاس ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ ڇوڪري کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو. رپورٽن موجب پرائيوٽ اسڪول جي اٺين ڪلاس جي شاگرد بالاماني ڪندن پنهنجي ڪلاس ۾ ٽاپ ڪيو پر سندس پهرين پوزيشن ٻئي نمبر تي ايندڙ شاگردياڻي جي ماءُ کي بنهه نه وڻي. پوليس جو چوڻ آهي ته هفتي واري ڏينهن ڇوڪري جي ماءُ اسڪول آءِ ۽ بالاماني کي ڪولڊ ڊرنڪ ڏني پر جيئن ئي هو گهر پهتو تي الٽيون ڪرڻ شروع ڪري ڏنائين، ان ٻڌايو ته سندس ڪلاس پڙهندڙ شاگردياڻي جي ماءُ کيس بوتل پيئڻ لاءِ ڏني هئي. طبيعت بگڙجڻ تي ڇوڪري کي اسپتال نيئڻ دوران رستي ۾ حياتي جي جنگ هارائي ويو. پوليس موجب شاگرد جي پوسٽ مارٽم مان خبر پئي آهي ته بوتل ۾ زهر هو، پوليس اهلڪارن ڪارروائي ڪندي شاگردياڻيءَ جي ماءُ گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتاري بعد شاگردياڻي جي ماءُ جو چوڻ هو ته بالاماني سدائين ڪلاس ۾ ٽاپ ڪندو هو جڏهن ته منهنجي ڌيءَ ٻئي پوزيشن حاصل ڪندي هئي تنهنڪري ساڙ ۾ کيس زهر ڏئي ماري ڇڏيو.