دادو ( رپورٽر ) تيل مهانگو ڪرڻ ۽ ڀتو نه ڏيڻ تي پوليس اهلڪارن پاران تشدد ڪرڻ خلاف زاهد پنهور ، ابراهيم سولنگي ۽ جعفر آلکاڻي جي اڳواڻي ۾ چنگچي رڪشا مالڪن احتجاجي مظاهرو ايس پي چوڪ وٽ رڪشا بيهاري ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي ٻن ڪلاڪن تائين ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي ، مظاهرين پئٽرول مهانگو ڪرڻ ۽ پوليس تشدد خلاف سخت نعري بازي ڪندا رهيا ، مظاهرين دانهيو ته هڪ طرف پئٽرول مهانگو ٿيڻ ڪري هو رڪشا نه ٿا هلائي سگهن ، مٿان وري جوهي باء پاس وٽ بي سيڪشن ٿاڻي جا اهلڪار ڀتو گهرن ٿا نه ڏيڻ تي اهلڪارن مٿن لتن مڪن ، سوٽين سان تشدد ڪري تذليل ڪن ٿا ،