دادو ( رپورٽر ) دادو ۽ ڦلجي اسٽيشن جي رهواسين ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران بدامني خلاف محمد نديم راجپوت ، فدا حسين شاھ ، رمضان پنهور ۽ عارف جمالي جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ بينر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ايس پي چوڪ وٽ ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي. هنن دانهيو ته ڦلجي اسٽيشن ۽ دادو مان هڪ ڏينهن ۾ 10 ، موٽر سائيڪل ڦر ۽ چوري ٿيون آهن، پر پوليس ڦورن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي ڪري، هاف فراءِ جي حوالي سان مشهور ايس ايس پي عرفان علي سمون جي هوندي بدامني وڌي وئي آهي، منشيات ۽ جوا جا اڏا پوليس سرپرستي ۾ هلن پيا پر ايس ايس پي خاموش آهي ، مظاهرين چتاء ڏنو آهي ته بدامني تي ضابطو آڻي ڦر ۽ چوري ٿيل موٽر سائيڪلون واپس نه ڪرايون ويون ته هو ٻيهر انڊس هاء وي تي ڌرڻو هڻندا.