راڌڻ (ن پ ا) راڌڻ صحافين مٿان ھٿياربندن حملو ڪيو، شھرين جي حملي آورن کي پڪڙي مارڪٽ بعد ٿاڻي تي پھچائي ڇڏيو، پوليس پڪڙيل جوابدارن کي آزاد ڪري ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،  ان ڏس ۾ راڌڻ ۾ پريس ڪلب راڌڻ صدر ڪامريڊ شمن سولنگي ذاولفقار جوڻيجو اظھر جوڻيجو مٿان زرداري ھوٽل تي ھٿياربندن حملو ڪيو. حملي دوران ھٿياربند پستول سان ذوالفقار جوڻيجو مٿان فائر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن کي اتي موجود صحافين روڪي ورتو ۽ جھيڙو ٿي پيو، حملي آوار فرار ٿي ڀڄي رھيا ھيا ته ماڻھن کين پڪڙي ورتو ۽ ٿاڻي تي پھچايو، پوليس طرفان زخمي صحافي اظھر جوڻيجو کي ميڊيڪل لاء ليٽر ڏئي ڪري اسپتال موڪلي ڇڏيو جڏھن ته حملي آورن جي سڃاڻپ محمد بخش عرف شيراز جوڻيجو ۽ نثار پٽ منظور جوڻيجو طور ٿي آھي. نثار جوڻينجو ڌاڙيل لائق جوڻيجو جو ڀائٽيو آھي، جيڪو ڪالھ ضمانت تي آزاد ٿي آيو ھو. ھوڏانھن واقعي جو ڪيس ايس ايڇ او قابل ڀيو جي موڪل تي ھجڻ اڄ داخل ڪيو ويندو. واقعي جو ڪارڻ ڌرين ۾ زمين جي مالڪي جو تڪرار ھلندڙ آھي.