دادو (رپورٽر) دادو شهر جي مگسي موري وٽ نوجوان نينگر علي مرتضيٰ سولنگي سان فحش حرڪت ڪرڻ تان سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ منهن ماري بعد جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ڪهاڙين ۽ ڏنڊن جا ڌڪ لڳڻ سبب امير علي ۽ اڪبر سولنگي زخمي ٿي پيا،  ٻنهي زخمين کي دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو ، جتان امير علي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سيوهڻ اسپتال ريفر ڪيو ويو آهي.