سکر (بيورو رپورٽ) پبلڪ ھيلٿ ۽ ميونسپل ڪارپوريشن سکر جي نااھلي، مصروف ترين چوڪ گھنٽا گھر، ڪاروباري مرڪزن توڙي مصروف علائقن ۾ ڊرينيج جو پاڻي بيھجڻ معمول بڻجي ويو، ڪاروباري سرگرميون متاثر، دڪاندار ۽ شھري سخت پريشان. تفصيل موجب پبلڪ ھيلٿ ۽ سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي نااھلي ۽ چونڊيل نمائندن جي بي ڌياني سبب اربين رپيا خرچ ڪرڻ جي دعوائن باوجود سکر ۾ ڊرينيج نظام بھتر نه ٿي سگھيو. سکر جي مک ڪاروباري مرڪز گھنٽا گھر چوڪ، سبزي مارڪيٽ، اناج مارڪيٽ، گوشت مارڪيٽ، مھراڻ مرڪز، وڪٽوريا مارڪيٽ، مدينا مارڪيٽ، بئراج روڊ آڏو ڊرينيج جو گندو پاڻي بيھڻ معمول بڻجي ويو آھي، نتيجي ۾ ڪاروبار توڙي عام وهنوار سخت متاثر ٿي رھيو آھي. اِن ڏس ۾ تاجر چندر ڀان، جئي رام داس بختيارپوري ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته ڊرينيج جو گندو پاڻي بيھڻ سبب ڪاروبار سخت متاثر ٿي رھيو آھي. لاڳاپيل اختيارين وٽ دانھڻ باوجود ڪو به تدارڪ ناھي ٿيو. پاڻي بيھڻ سبب عورتون، مرد توڙي ٻارڙا گندي پاڻي مان گذرڻ تي مجبور آھن. ھنن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نيڪال نظام کي مستقل بنيادن بهتر بڻايو وڃي.