محرابپور (ن پ ا) محرابپور جي سينيئر صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن ذوالفقار عرف بگو، امير بخش، ظفر سهتو ۽ اويس قريشي جا وارث ميڙ منٿ قافلو وٺي ڪيس جي فريادي ۽ عزيز جي ڀاءُ حفيظ الرحمان ميمڻ وٽ پهتا، عزيز ميمڻ جي وارثن پاڪ ڪتاب کي مان ڏيندي جوابدارن جي وارثن جو موقف ٻڌڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪندي ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو، ان حوالي سان حفيظ الرحمان ميمڻ ٻڌايو ته عزيز ميمڻ کي تقريبن پوڻا 3 سال اڳ حق سچ لکڻ سبب بيگناهه قتل ڪيو ويو، پر افسوس آهي جو اڄ تائين ان جي قتل جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو، هن چيو ته ڪيس اسان نامعلوم ماڻهن مٿان درج ڪرايو، سنڌ سرڪار عزيز ميمڻ قتل بابت جوڙيل جي آءِ ٽي پاران 8 جوابدارن کي نامزد ڪري 7 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو هو، ان بعد گرفتار ٿيل ڪجھه جوابدارن جا وارث ميڙ منٿ قافلا وٺي پنهنجو موقف ٻڌائڻ لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهيا هئا، ڪالهه پاڪ ڪتاب کي مان ڏيندي جوابدار ڌر جو موقف ٻڌڻ لاءِ راضي ٿيا آهيون، ممڪن آهي ته جوابدار ڌر جو موقف ٻڌي شهيد جي خون ۾ ملوث لڪيل ڪردار ظاهر ٿي پون، ان لاءِ هفتي اندر هڪ ٻي ويهڪ اڳوڻي ايم پي اي احمد علي شاهه جي سربراهي ۾ رکڻ تي اتفاق ٿيو آهي، جنهن ۾ ڳالهين جي شروعات ڪئي ويندي، هن وڌيڪ چيو ته جي آءِ ٽي پاران عزيز قتل ڪيس ۾ ملوث ڄاڻايل مک جوابدار مشتاق سهتو کان ڪا به جاچ نه ڪئي وئي ۽ سندس ڀاءُ افشاد سهتو اڃا تائين فرار ٿيل آهي، هن چيو ته عزيز قتل ڪيس هن وقت ماڊل ڪورٽ نوشهروفيروز ۾ هلي رهيو آهي، جتان اسان کي انصاف جي اميد آهي.