کهڙا (رپورٽ: لياقت علي چنا) کهڙا لڳ زمين ۾ پوکيل وڻن جي ڀيل تان اڄڻ ڌرين ۾جهيڙو، هڪ ڌر جي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب هڪ نوجوان مارجي ويو، ٻيو ڀاءُ زخمي، مقتول جي گهر ۾ ڪهرام برپا، جوابدارن جي گهرن تي پوليس چڙهائي، 3 ڄڻا گرفتار، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو. رپورٽ موجب کهڙا لڳ ڳوٺ مرچل اڄڻ ۾ گهرن اڳيان پوکيل وڻن جي ڀيل جي معمولي ڳالھه تان اڄڻ برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب 30 سالن جو ڌنار محمد ڀاڳيل  قتل ٿي ويو، جڏهن ته سندس ڀاءُ نصير احمد اڄڻ سخت زخمي ٿي پيو. اطلاع ملڻ تي کهڙا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي کڻائي گمس اسپتال منتقل ڪيو،  پوسٽ مارٽم بعد مقتول نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. نوجوان جي قتل تي مقتول جي گهر ۾ ڪهرام برپا ٿي ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. هوڏانهن کهڙا پوليس ڳوٺ مرچل اڄڻ تي چڙهائي ڪري 3 ڄڻن ولي محمد، فتح محمد ۽ حاجي عطا محمد اڄڻ کي گرفتار ڪري ورتو آهي. مقتول نوجوان محمد ڀاڳيل اڄڻ جي چاچي مرچل اڄڻ صحافين کي ٻڌايو ته جوابدارن معمولي ڳالهه تان ٻن ڌنار ڀائرن مٿان فائرنگ ڪري هڪ کي قتل ٻئي کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو آهي. هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. ايس ايچ او کهڙا اختيار حسين مڱرئي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اڄڻ برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ گهرن اڳيان وڻن جي ڀيل تان جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ ڀاءُ قتل ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو آهي. وارثن واقعي جو ڪيس داخل ناهي ڪرايو. جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.