ملير(رپورٽر) ملير ۾ برسات متاثرن لاءِ قائم ڪيل ٽينٽ سٽي ۾ هڪ وڌيڪ ٻارِڙي بيماري وگهي فوت، فوتي  ٻارڙي جي ڀيڻ دعا پڻ چار ڏينهن اڳ فوت ٿي هئي، ان ڏس ۾ گلشن حديد ويجهو نيو ملير هائوسنگ اسڪيم جي خالي سيڪٽر 18 ۾  برسات متاثرن لاءِ قائم ڪيل ٽينٽ سٽي  ۾ هڪ وڌيڪ ٻارِڙي ٽن مهينن جي زهره فاطمه ڌيءِ ظهور احمد بيماري وگهي فوت ٿي وئي، هڪ هفتي دوران ٽينٽ سٽي ۾ فوتين جو انگ چار ٿي ويو، فوتي ٻارڙي زهره فاطمه جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد گهگهر ڦاٽڪ لڳ ريلوي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي، ان موقعي تي فوتي ٻارڙي دعا جي والد جيڪب آباد واسي ظهور لاشاري صحافين کي ٻڌايو ته ٻه ڏينهن اڳ منهنجي پنجن ورهين جي نياڻي دعا بيماري وگهي فوت ٿي وئي هئي،  48 ڪلاڪن دوران منهنجي ٽن مهينن جي ٻي نياڻي زهره فاطمه پڻ فوت ٿي آهي، هن چيو ته صحت کاتي جي نااهلي سبب ٽينٽ سٽي ۾ سوين ٻارڙا مختلف بيمارين ۾ ورتل آهن، ٻارن جي ماهر ڊاڪٽرن جي ٽيم موڪلي  سوين ٻارڙن جي زندگين کي بچايو وڃي