حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي چونڊن لاءِ حيدرآباد ۾ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۾ 4 پولنگ بوٿ قائم ڪري پولنگ ڪئي وئي. غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب حيدرآباد مان پروفيشنل گروپ جي صدارتي اميدوار عابد شاهد زبيري 42 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته جنرل سيڪريٽري جي عهدي تي انڊپيڊنٽ اميدوار سيد علي عمران 34 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي. هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سان سلهاڙيل سپريم ڪورٽ بار جا 76 ووٽرز آهن جن مان 68 ووٽرز پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو. هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر پرزائيڊنگ آفيسر غلام الله چانگ جي نگراني ۾ ٿيل پولنگ بعد شام جو غير حمتي ۽ غير سرڪاري نتيجا پڌرا ڪيا ويا.