راڌڻ (ن پ ا) دادو اليڪشن ٽربيونل طرفان ڏنل فيصلي بعد راڌڻ ۾ پ پ‚ تحريڪ انصاف ۽ آزاد اميدوارن سميت 14 ڄڻا مڪاني چونڊن جي اليڪشن مان نڪري ويا آھن  ڪالهه دادو جي اليڪشن ٽربيونل ايڊوڪيٽ امجد حسين ٻلھڙو جي درخواست تي فيصلو ڏنو آھي ته ڪوبه اميدوار پنھنجي وارڊ کانسواءِ ڪنھن ٻئي وارڊ ۾ نه ٿو بيھي سگھي اھڙي فيصلي اچڻ بعد راڌڻ ۾ پ پ توڙي تحريڪ انصاف جا مظبوط اميدوار مڪاني اليڪشن مان ٻاھر ٿي ويا آھن جن ۾  وارڊ 2 ۾ تحريڪ انصاف جو اميدوار ڪمليش راجاڻي وارڊ 4 ۾ پ پ جو اميدوار اختيار علي جانوري‚ وارڊ 5 آذاد اميدوار سڄڻ سولنگي‚ وارڊ 6 تي پ پ اميدوار ضمير حسين جھتيال ۽ آزاد اميدوار عباس علي‚ وارڊ 7 تي پ پ راڌڻ جو جنرل سيڪريٽري محمد يونس سولنگي ۽ سڪندر علي جوڻيجو‚ تحريڪ انصاف جو مظفر علي جھتيال ۽ آذاد اميدوار ارشاد علي عباسي وارڊ 8 تي پ پ اميدوار فرمان علي راڌڻ ۽ تحريڪ انصاف جو الفت علي راڌڻ ۽ آزاد اميدوار شفقت علي شاهه وارڊ 9 تي آزاد اميدوار عامر علي واڍو معشوق علي واڍو ناھل قرار ٿي ويند.ا ايڊوڪيٽ امجد ٻلھڙو ٻڌايو ته ٽربيونل ۾ وڃڻ جي آخري تاريخ گذري چڪي آھي ان باوجود جيڪڏھن ڪوبه اميدوار چونڊجي اچي ٿو ۽ ڪوبه شھري ان خلاف ڪورٽ ۾ ويندو ته ھو نااھل ٿي ويندو. ھاء ڪورٽ اھڙن اميدوارن جي حق ۾ فيصلو ڏئي ته انھن جي اليڪشن کي قانوني شڪل ملي ويندي.