خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي مختلف وارڊن تي پيپلزپارٽي جي مخالف اميدوارن رٽرننگ  آفيسر ڏانهن درخواستون لکي اعتراض واري ڇڏيا آهن ۽ جاچَ جو مطالبو ڪيو آهي، ان ڏس ۾ خيرپور جي ميونسپل ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 8 جي پي ٽي آءِ اميدوار حفيظ الرحمان ٻگهيو، وارڊ نمبر 9 جي آزاد اميدوار آصف علي راجپوت ۽ وارڊ نمبر 13 تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اميدوار ايڊووڪيٽ فياض خميساڻي ميونسپل ڪاميٽي خيرپور جي رٽرننگ آفيسر ڏانهن ڌار ڌار درخواستون اماڻي پ پ اميدوارن خلاف اعتراض واريا آهن. پيپلزپارٽي جي مخالف اميدوارن درخواستن ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته وارڊ نمبر 8 تي يار محمد ڦلپوٽو، وارڊ نمبر 9 تي سيد علي مدد شاهه ۽ وارڊ نمبر 13 تي احسان جماڻي پيپلزپارٽي جا اميدوار آهن پر انهن جا ووٽ ٻين وارڊن ۾ داخل آهن، پ پ اميدوارن جا ووٽ ڄاڻايل وارڊن ۾ داخل هئڻ بدران ٻين وارڊن ۾ داخل هجڻ سبب اُهي ڄاڻايل وارڊن تي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جا اهل نه آهن. درخواستن ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته هاءِ ڪورٽ سکر جي حڪم موجب مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جو جن وارڊن ۾ ووٽ داخل آهي اُهي انهن ئي وارڊن تان اليڪشن ۾ حصو وٺي سگهن ٿا.