ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ پ پ جي 2 چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ هڪ ضلعي  ڪائونسل ميمبر جي اميدوارن جا فارم سنڌ هاءِ ڪورٽ مان رد ٿي ويا، خبر موجب ميرپورخاص ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن لاءِ پ پ جي مختلف تڪن جي چيئرمين، وائيس چيئرمينن ۽ ضلع ڪائونسل جي ميمبرن خلاف مخالف اُميدوارن پاران ڪيل اپيلن ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد پاران ٽن اُميدوارن جا فارم رد ڪرڻ سبب پ پ کي مضبوط  تڪن تي جهٽڪو لڳو آهي، ضلع ڪائونسل جي ميمبر جي اُميدوار علي مدد جو فارم گھٽ عمر هجڻ سبب رد ٿيو، جنهن بعد يوسي ڏهروڙو ۾ جي ڊي جي اي اُميدوار جاويد جوڻيجو بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن سيد خادم علي شاه ۾ پ پ جي چيئرمين جي اُميدوار ممتاز عرف لعل بخش رند جو ووٽ ان تڪ ۾ داخل نه هجڻ جي ڪري فارم رد ٿيو، جنهن خلاف مخالف اميدوار شڪور لاشاري پاران پٽيشن داخل ڪئي وئي هئي، جيڪو بعد ۾ بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو، هوڏانهن ٽائون مونسپل ڪاميٽي مير شيرمحمد ٽالپر يوسي ترڪ علي مري ۾ پ پ جي ٽڪيٽ هولڊر چيئرمين وزير علي مري ڏانهن حيسڪو جو رهتون هيون جنهن ڪري سندس فارم رد ڪيو ويو،