خانپورمهر (ن پ ا) پ پ ايم اين اي  محمد بخش  مهر چيو آهي ته بلدياتي اليڪشن ۾ گهوٽڪي ضلعي جو  چيئرمين صرف ۽ صرف  بنگل خان مهر ئي ٿيندو، ڇاڪاڻ ته چيئرمين شپ جي سيٽ مرحوم بابا سائين جي هئي ۽ ان تي اسان جو ئي حق آهي، باقي ادا علي گوهر مهر وارن جي سياست رڳو پروپيگنڊا تي ٻڌل هوندي آهي، تنهن ڪري هو پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن، هن چيو ته  علي گوهر مهر وارن جهڙي نموني مونکي آئوٽ ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ ڇڪايو، اهڙي نموني بنگل خان مهر واري معاملي کي به عدالت کڻي ويا آهن،  محمد بخش  مهر چيو ته علي گوهر خان مهر پنهنجي ان چاچي جي پڳ ۾ هٿ وڌا جنهن لاءِ هو چوندو آهي ته چاچا غلام محمد خان مهر منهنجو استاد هو، علي گوهر مهر هاڻ به پنهنجي غلطي جي معافي وٺي ته وڏي دل وارا آهيون معاف ڪري سگهون ٿا، محمد بخش مھر پنهنجي خانڳڙهه واري رهائشگاهه تان هڪ وڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته مهر برادري خاص طور تي اسان جي چاهيندڙن ۾ اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته مير بنگل خان مهر ضلعي چيئرمين نه پيو ٿئي، اسين رڳو پيپلزپارٽي کي سپورٽ ڪري رهيا آهيون، جنهن لاءِ آئون واضح ڪريان ته گهوٽڪي ضلعي جي چيئرمين شپ خانڳڙهه جي هئي ۽ خانڳڙهه وٽ ئي رهندي. هن چيو ته جنهن کي رات 2 وڳي 4 ماڻهو ويهي پڳ ٻڌائن ته هو سردار ناهي ٿيندو. محمد بخش خان مهر جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسين وڏي دل وارا ماڻهو آهيون جيڪڏهن علي گوهر مهر هاڻ به پنهنجي ان غلطي کي تسليم ڪري مون وٽ اچي مونکان ۽ مهر برادري کان معافي وٺي ته اسين کير کنڊ ٿي سگهون ٿا.