دادو (رپورٽ: فتاح شيخ) دادو جي بي سيڪشن ٿاڻي تان مختلف وقتن تي ڇاپن دوران پڪڙيل لکين رپين جون زيڊ 21 سوپاريون ۽ گٽڪو ٿاڻي جي اسٽور مان کڻي وڪرو ڪرڻ واري الزام هيٺ آيل بي سيڪشن جي 2 ايس ايچ اوز منظور احمد مستوئي، غلام حيدر پنهور ۽ 3 وڏن منشين غلام سرور پنهور، اشفاق احمد کوکر ۽ بخش پنهور کي معطل ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان معلوم ٿيو آهي ته وڪيل پير غلام محمد پاران دادو ضلعي جي ٿاڻن تان سرڪاري پراپرٽي ۾ خرد برد ڪرڻ تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج دادو منومل کڳيجا جي عدالت ۾ درخواست ڏني هئي، جنهن بعد عدالت ايس ايس پي دادو اعجاز احمد شيخ کان رپورٽ طلب ڪئي هئي، جنهن بعد ايس ايس پي پاران سمورن ٿاڻن تي ايس ايچ اوز کان سرڪاري پراپرٽي جا تفصيل گهرائي ورتا، جنهن ۾ بي سيڪشن ٿاڻي جي رپورٽ ۾ مخلتف وقتن تي لکين رپين جي منشيات غائب هئي، اهڙي رپورٽ ايس ايس پي پاران ڊي آءِ جي حيدرآباد حوالي ڪئي وئي، ڊي آءِ جي حيدرآباد جي هدايت تي بي سيڪشن ٿاڻي جا 2 هٽايل ايس ايچ اوز غلام حيدر پنهور، منظور احمد مستوئي ۽ 3 وڏن منشين معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندن خلاف ٻيهر ڊي ايس پي دادو جي نگراني ۾ ڪاميٽي جوڙي رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي.