سيوهڻ (ن پ ا) ھڪ ھفتو اڳ سيوھڻ پوليس جي مبينا تشدد ۾ فوت ٿيل پورھيت راشد لاشاري جو قتل ڪيس بابت ايس ايس پي ڄامشورو جاويد بلوچ سيوهڻ پھچي ڊي ايس پي آفيس ۾ اهم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پوليس کي راشد لاشاري ڪيس ۾ اهم پيش رفت ٿي آهي، انڪوائري ٽيم جي جاچ ۾ معطل ايس ايچ او ذوالفقار اوڍاڻي تي ڏوهه ۽ ڪوتاھي ثابت ٿي آهي، جنهن کي پوليس گرفتار ڪيو آهي، هن چيو ته قتل ڪيس ۾ نامزد ٻين 5 جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويندو، ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته گرفتار اڳوڻي ايس ايچ او ذوالفقار اوڍاڻي خلاف ڊپارٽمينٽل انڪوائري ٿي رهي آهي، جنهن ۾ سندس نوڪري ختم ٿي سگهي ٿي، پوليس ڪيس کي ڪمزور ناهي ڪيو، جوابدار گرفتار ڪيا آهن، نوجوان جا وارث پوليس ڪارڪردگي مان مطمئن آهن، نوجوان راشد لاشاري تي پوليس تشدد ثابت ٿيو، جيڪا اڳوڻي ايس ايچ او ذوالفقار اوڍاڻي ڪوتاهي ڪئي آٓهي، ايس ايس پي جاويد بلوچ ٻڌايو ته فوتي نوجوان راشد لاشاري تي سي سي ٽي وي وڊيو ذريعي موٽرسائيڪل چوري ڪرڻ جو ڏوھ پڻ ظاهر ٿيو آٓهي، جنهن جو سي سي ٽي وي رڪارڊ پڻ موجود آٓهي.