ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي ايم پي اي ساجد قريشي جي قتل ۾ ملوث ٽارگيٽ ڪلر گرفتار، دستي بم هٿ، سي ٽي ڊي جي ٽيم مرزا آدم خان روڊ تي ڪارروائي ڪري ٽارگيٽ ڪلر عبيدالرحمان عرف عبيد ڪيپري کي گرفتار ڪري ورتو.ترجمان موجب عبيد ڪيپري اڳ ۾ ئي گرفتار ٿيل عاصم ڪيپري جو ڀاءَ آهي، جوابدار 2013 ۾ ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي ساجد قريشي کي قتل ڪيو هو، ساجد قريشي نارٿ ناظم آباد ۾ نماز پڙهڻ بعد گھر وڃي رهيو هو ته جوابدار پنهنجي ساٿين سان گڏجي کيس ٽارگيٽ ڪيو. ترجمان موجب جوابدار جو تعلق بندش پيل تنظيم لشڪر جھنگوي سان آھي، هو ٽارگيٽ ڪلنگ جي 6 واقعن ۾ ملوث آھي، سندس قبضي مان دستي بم هٿ ڪيو ويو آهي