آغا سراج دراني جَي پٽ آغا شهباز ۽ ٻين کان جاچ خلاف درخواست تي نيب کان جواب طلب

0
244

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس ۾ سنڌ اسميبلي جَي اسپيڪر آغا سراج دراني جَي پٽ آغا شهباز ۽ ٻين کان جاچ خلاف درخواست تي نيب کان جواب طلب ڪري ورتو، جوابدارن جَي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته فرد جرم لاڳو ٿيڻ کانپوءِ وڌيڪ جاچ ڪيئن ڪري سگهجي ٿي؟. عدالت نيب کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ 15 ڏينهن جي مهلت ڏيندي ٻڌڻي 26 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.