خيرپور ۾ هاڪي جو دلچسپ دنگل: گرين ٽيم ميدان ماري ورتو

0
316

خيرپور(رپورٽر) ڊسٽرڪٽ ھاڪي ايسوسيئيشن خيرپور پاران بخت علي ڏھوٽ ھاڪي اسٽيڊيم لقمان ۾ اولمپڪ جي عالمي ڏينهن تي ھاڪي جي نمائشي ميچ خيرپور گرين ۽ خيرپور وائيٽ وچ ۾ ڪرائي وئي، جيڪا دلچسپ مقابلي کانپوءِ خيرپور گرين 5-4 تان کٽي ورتي، خيرپور گرين طرفان عبد الله ملاح 2، ميثم عباس، علي صفيان ۽ احمد مغيرا 1-1 گول ڪيو، جڏھن ته خيرپور وائيٽ پاران حسين عباس 2، صمد علي ۽ مصحب علي 1-1 گول اسڪور ڪيو. پروفيسر جاويد رسول راھپوٽو ونر ۽ رنر ٽيمن جي رانديگرن کي انعام ڏنا. ميچ ۾ سنڌ ھاڪي ايسوسيئيشن جي ذوالفقار علي ڏھوٽ، ڊسٽرڪٽ ھاڪي ايسوسيئيشن خيرپور جي سيد ذاڪر حسين زيدي، ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن غلام مرتضيٰ ڏھوٽ، سيڪريٽري ڊسٽرڪٽ ھاڪي ايسوسيئيشن عرفان علي ڏھوٽ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.