ڀارتي عملدار افغان طالبان سان دوحا ۾ ڳجهي ملاقات ڪئي: ترڪ ميڊيا جي دعويٰ

0
491

ترڪ ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارتي عملدارن افغان طالبان سان دوحا ۾ ڳجهي ملاقات ڪئي آهي، ته جيئن افغانستان ۾ پنهنجي مفادن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي، ترڪ ميڊيا موجب افغان طالبان ۽ ڀارتي عملدارن جي سڌي ريت ڳجهي ملاقات هن مهيني ۾ ٿي آهي، جنهن جي تصديق قطر جي خصوصي نمائيندي ماجد القحطاني ڪئي آهي، ترڪ ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڀارت جي پرڏيهي وزير جي شنڪر 9 ۽ 15 جون تي دوحا جو دورو ڪيو هو، هن مامري تي والاريل ڪشمير جي اڳوڻي وڏي وزير محبوبه مفتي سوال ڪيو ته جيڪڏهن ته مودي سرڪار طالبان سان ڳالهيون ڪري سگهي ٿي ته پاڪستان سان ڇو نه،؟ هن چيو ته مودي سرڪار جيڪڏهن طالبان سان ڳالهيون ڪري رهي آهي ته ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن ۽ خطي ۾ امن آڻڻ گهرجي.