پاڪستان سپر ليگ جو اڄ فائنل دنگل: پشاور زلمي ۽ ملتان سلطانز ۾ تاريخي مقابلو

0
327

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ جو اڄ فائنل دنگل ٿيندو، پشاور زلمي ۽ ملتان سلطانز ۾ تاريخي مقابلو ٿيندو، ٻنهي ٽيمن جا رانديگر ڪاميابي لاءِ پرعزم آهن. گذريل ڏينهن پاڪستان سپر ليگ جي ٻئي ايليمينيٽر ۾ پشاور زلمي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي اسلام آباد يونائيٽيڊ کي شڪست ڏئي ٽورنامينٽ جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. ابوظهبي ۾ کيڏيل ٻئي ايليمينٽر ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ پهريان کيڏندي 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 174 رنز ٺاهيون. حسن علي 16 بالن تي 45 رنز جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته ڪولن منرو به 44 رنز ٺاهيون.جواب ۾ پشاور زلمي 17هين اوور ۾ هدف پورو ڪيو، جوناٿن ويلز 55 ۽ شعيب ملڪ 32 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا، حضرت الله کي بهترين ڪارڪردگي سبب مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ايونٽ جو اڄ فائنل کيڏيو يوندو، جنهن ۾ پشاور زلمي ۽ ملتان سلطانز دوبدو ٿينديون. ملتان سلطانز جي اسڪواڊ ۾ محمد رضوان(ڪپتان، وڪيٽ ڪيپر) ايڊم ليٿ، جانسن چارلس، رائلي روسو، صهيب مقصود، رحمان الله گرباز، شيمرون هٽمائر، خوشدل شاهه، شان مسعود، ڪارلوس، حماد اعظم، عثمان قادر، شاهنواز ڏاهاڻي ۽ ٻيا شامل آهن.