دنيا جو سڀ کان وڌيڪ تيز آواز ۾ رڙيون ڪندڙ انوکو پکي دريافت

0
386

برازيل (دلچسپ نيوز) دنيا جو سڀ کان وڌيڪ تيز آواز ۾ رڙيون ڪندڙ انوکو پکي دريافت ڪيو ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجببرازيل جي ايميزون وارن جبلن ۾ ماهرن ان انوکي پکي کي هٿ ڪيو، کيس وائٽ بيل برڊ سڏيو وڃي ٿو، ماهرن جو چوڻ آهي ته انوکي پکي وائٽ بيل برڊ جو انگ گهاٽو اڇو آهي سندس آوازجهنگ ۾ پري پري تائين ٻڌي ويندي آهي. سندن موجب وائٽ بيل برڊ ماده پکين کي ڏسي پنهنجو منهن انهن طرف ڪري تيز آواز ڪڍندو آهي ته جين اهي متوجهه ٿين، انوکي پکي جي آواز جي شدت 125.4 رڪارڊ ڪئي وئي، سڀ کان وڌيڪ بلند آواز وارو پکي قرار ڏنو ويو.ان تي تحقيق ڪندڙ ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪيترائي ڀيرا ماده نر کي تيز آواز ٻڌي ان جي انتهائي ويجهو اچي ويندي ۽ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان کانپوءِ به نر رڙيون ڪندو رهندو آهي پر ماده ان جي آواز جي پرواهه ڪرڻ بغير ئي ويجهو ويٺل هوندي آهي. ڪجهه ماهر حيران آهن ته آخر ان طرح ماده جي ٻڌڻ واري صلاحيت متاثر ڇو نٿي ٿئي. ان تحقيق جي سربراهه جيف پوڊوس موجب ايستائين جي معلومات موجب هي سڀ کان وڌيڪ بلند آواز وارو پکي آهي، جنهن جا ثبوت رڪارڊ ڪيا ويا آهن. ان جي آواز وڻ کي چيڙڻ واري چين يا زمين ڇڏڻ وقت جيٽ طياري جيتري شديد آهي، جيڪا انسان جي ٻڌڻ واري صلاحيت کي شديد متاثر ڪري سگهي ٿي ۽ تڪيلف ڏيندڙ به هوندي آهي.ان کان اڳ پيها پکي کي ئي تيز آواز جو مالڪ سمجهيو ويندو هو پر هاڻ وائٽ بيل برڊ سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.