خيرپور (رپورٽر) خيرپور لڳ عورت طرفان مائٽن کان ناراض ٿي زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش، ڳڻتي جوڳي  حالت ۾ سول اسپتال منتقل، ڊاڪٽرن سندس حياتي بچائي ورتي. خبر موجب خيرپور ڀرسان ڌاريجا ڳوٺ جي رهواسڻ مسمات عذرا ڌاريجو مائٽن کان ناراض ٿي  زهريلي دوا پِي آپگهات جي ڪوشش ڪئي. واقعي بعد ڄاڻايل ناريءَ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن فوري طور علاج شروع ڪري سندس حياتي بچائي ورتي.