سمنڊ پار پاڪستانين هڪ ڏينهن ۾ 57 ملين ڊالرز اُماڻي رڪارڊ قائم ڪري ورتو

0
180
سمنڊ پار پاڪستانين هڪ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سمنڊ پار پاڪستانين هڪ ڏينهن ۾ 57 ملين ڊالرز اُماڻي رڪارڊ قائم ڪري ورتو آھي، وزيراعظم شهباز شريف سمنڊ پار پاڪستانين جا ٿورا مڃيا آھن

وزيراعظم شھباز شريف ٿورا مڃيندي چيو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ گذريل ڏينهن 57 مليلن ڊالررز وصول ڪيا، روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ۾ جمع ٿيل رقم جو ڪاٿو 4.5 ارب ڊالرز کان وڌي ويو

 حڪومت روشن ڊجيٽل اڪائونٽ اسڪيم جي حمايت ۽ پٺڀرائي ڪري ٿي، سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو اثاثو آهن ۽ پاڪستان لاءِ سندن دل ڌڙڪي ٿي، اُنهن سدائين ملڪي معيشت لاءِ سگهارو ڪردار ادا ڪيو آهي، هڪ ڏينهن ۾ رڪارڊ رقم اُماڻن تي سمنڊ پار پاڪستانين جا ٿورائتا آهيون

ھي به پڙھندا

اسلام آباد:اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون