تلهار/غلام شاهه موري (نمائندا) تلهار  لڳ  غلام شاھ موري وٽ 5 ٻارن جي ماءُ شريمتي  گامي ڪولهي زال ڀارو ڪولهي ٻچن کي بکيو ڏسي  گهر ۾ پيل زرعي زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش ڪئي، کيس  تلهار اسپتال پهچايو آهي جتي  طبي امداد ڏئي گهر روانو ڪيو ويو ان کان اڳ آپگھات ڪوشش ڪندڙ عورت ڪيتري ئي دير تڙپندي رهي. ڏورانهن علائقو هئڻ سبب ڪابه گاڏي نه پهچي سگهي، مقامي صحافي گڊو راهمون  پاران همت ڪري پنهنجي گاڏي ۾ فوري طور تلهار اسپتال پهچايو. جتي متاثر عورت کي طبي امداد ڏني وئي، اسپتال ذريعن موجب متاثر عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. عورت جي مڙس بهارو ڪولهي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيوته غربت سبب گهر ۾ فاقو آهي زرعي پاڻي نه اچڻ سبب مزدوري وغيره ناهي ڪيترن ئي ڏينهن کان ٻار بکيا آهن جنهن سبب منهنجي گهر واري گامي پنهنجي ٻچن جي حالت ڏسي جيڪي بک ۾ پاھ ٿي ويا آهن انهن کي ڏسي مجبورن زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش ڪئي آهي.