ڳڙهي خيرو ( ن پ ا ) ڳڙهي خيرو کان موٽرسائيڪل تي خضدار ويندي حادثي ۾ ھڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، جڏهن  ٿه ٻيو زخمي ٿي پيو. ڪرخ واري علائقي ۾ موٽرسائيڪل اڳيان پٿر اچڻ ڪري موٽرسائيڪل کاھي ۾ ڪري پئي،پيرسن محمد عالم جمالي موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏھن ته واجد جمالي سخت زخمي ٿي پيو.  اطلاع ملڻ تي وارث واقعي واري هنڌ پھچي لاش کڻائي ڳوٺ مير محمد صلاح جمالي پھتا ته روڄ راڙو مچي ويو، جڏهن زخمي واجد جمالي کي علاج لاءِ لاڙڪاڻي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.