خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ٻه ڏينهن اڳ پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب فوت ٿيل ناري زهره فاطمه جي قتل جو ڪيس سرڪار جي فرياد تي سندس ڀاءُ خلاف داخل، پوليس ناريءَ جي ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو. خبر موجب خيرپور ۾ ٻه ڏينهن اڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ مير محمد نوناري ۾ گولي لڳڻ سبب گهر اندر پراسرار نموني فوت ٿي ويل نوجوان ناري زهره فاطمه جي قتل جو ڪيس بي سيڪشن ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي ناريءَ جي ڀاءُ واجد علي نوناري مٿان داخل ڪيو ويو. پوليس ناريءَ جي ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو. ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار پنهنجي ڀيڻ کي ڪارنهن الزام تحت قتل ڪيو آهي. هوڏانهن ناريءَ جي وارثن واقعي کي آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سندن چوڻ آهي ته نياڻي کي ڪنهن به قتل ناهي ڪيو، هن گهر وارن کان ناراض ٿي آپگهات ڪيو آهي. پوليس زهره جي ڀاءُ واجد علي نوناري کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي. پوليس وڌيڪ ٻن ڄڻن کي پڻ کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي.