ڪنري (ن پ ا) اڍائي مھينا اڳ نبي سر ٿر ڊيم ۾ ٻن ڀائرن انس ۽ سعد آرائين جي ٻڏي فوت ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي سول ڪورٽ ۾ ٿي، ٻڌڻي دوران ڪيس ۾ نامزد چار جوابدار ٿرڪول پاور ڊيم جو مينيئجر زيد اشرف راجپوت، ڊيم آفيسر ڪامران سومرو ۽ 2 سيڪيورٽي گارڊ عيسيٰ خان يڪشن، محمد سعيد جيلاني پيش ٿيا، جڏھن ته ايڪسيئن ٿرڪول واٽر ورڪس ايل بي او ڊي برانچ امتياز ڀرڳڙي پيش نه ٿيو، جنھن تي عدالت جوابدار جا ٻيھر ناقابل ضمانت وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، ڊيم انتظاميا پاران واقعي جي رپورٽ جمع نه ڪرائڻ تي عدالت پاران جوابدارن کي فائنل شوڪاز جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 15 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ياد رھي ته اڍائي مھينا اڳ نبي سر ٿر ۾ ٿرڪول رٿا کي پاڻي پھچائڻ لاءِ ٺاھيل ڊيم ۾ ٻار کي بچائيندي ٻه سڳا ڀائر انس ۽ سعد آرائين ٻڏي فوت ٿي ويا هئا.