رائونتي/ مريد شاخ (نمائندن وٽان) هڪ مهينو اڳ هرکائي اغوا ڪيل 5 مغوين کي بازياب ڪرايو ويو، پوليس پاران مقابلن جي دعويٰ. مغوين کي قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. خبر موجب رائونتي پوليس ڪرڪ ڪي پي ڪي واسي فضل الرحمان، لاهور واسي محمد دلاوار ۽ اوڪاڙ واسي محمد رمضان کي مريد رائونتي جي ڪچي مان بازياب ڪرايو ويو. مغوين پهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته گهڻي وقت کان ڇوڪريءَ سان فون تي رابطو هو، جنهن سان شادي ڪرڻ لاءِ، لاهور ۽ اوڪاڙا کان نڪتا سين. مريدشاخ ڀرسان سهولت ڪار موٽرسائيڪل تي کڻي ڪچي واري علائقي ۾ کڻي ويو، جتي اسان کي اغوا ڪيو ويو. ڌاڙيل اسان مٿان بدترين تشدد ڪندا هئا. اڄ پوليس بازياب ڪرائي ورتو آهي. مغوين کي پوليس رائونتي ٿاڻي تي آندو، جتي ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير حسين تنيو جو چوڻ هو  ته پوليس کي وڏي ڪاميابي ملي آهي. فضل الرحمان پٺاڻ کي رائونتي ٿاڻي تي جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو حوالي ڪيو ويو. ٻئي پاسي مريد شاخ ڀرسان ڊي ايس پي اوٻاوڙو ۽ کنڀڙا پوليس ڪارروائي ڪندي ٻن ڄڻن کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو، کنڀڙا پوليس موجب ڳجهي اطلاع تي ناڪابندي ڪري ڪشمير واسي ٻن ڄڻن محمد شفيع گجر ۽ رزاق اعواڻ کي اغوا ٿيڻ کان بچايو ويو. ان سلسلي ۾ کنڀڙا پوليس جو چوڻ هو ته جديد ٽيڪنالوجي جي ذريعي خبر پئي ته ڏوهاري ٻن ڄڻن کي ڪچي واري علائقي ۾ گهرائي اغوا ڪرڻ چاهين ٿا، جنهن بعد پوليس ناڪابندي ڪري ٻنهي ڄڻن کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو. ڄاڻايل ٻنهي ڄڻن کي سستي بولان گاڏي وڪرو ڪرڻ بهاني ڪچي ۾ گهرايو هو. ٻنهي ڄڻن کي کنڀڙا ٿاڻي تي آڻي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو