سکر (بيورو رپورٽ) ليبر ڪالونيءَ جي فليٽس بابت ڪيس جي ٻڌڻي، ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي سيڪريٽري مزدورن جي اسپتال عمارت وڏي وزير جي چوڻ تي اين آءِ سي وي ڊي حوالي ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو. عدالت ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۽ ليبر ڊپارٽمينٽ کي مزدورن جي ميمبر سازي، اولاد جي پڙهائي، اين آءِ سي وي ڊي ۾ مزدورن لاءِ ڌار حصو مختص ڪرڻ ۽ فنڊن جي  استعمال جي طريقيڪار بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته مزدورن جي پگهر مان ٺهيل عمارت ڪنهن جي چوڻ تي اين آءِ سي وي ڊي حوالي ڪري ڇڏي آهي. ان تي سيڪريٽري اعتراف ڪندي ٻڌايو ته وڏي وزير جي چوڻ تي اها بلڊنگ اين آءِ سي وي ڊي حوالي ڪئي وئي آهي. جسٽس صلاح الدين پنهور رماڪس ۾ چيو ته وڏو وزير ڪير ٿيندو آهي ته مزدورن جو اسپتال جي بلڊنگ اين آءِ سي وي ڊي کي ڏئي ڇڏي آهي. ڪيترن مزدورن جا اين آءِ سي وي ڊي ۾ آپريشن ڪيا ويا آهن، اتي ته جيل ۾ ويندڙ بااثر ماڻهن کي ٻن ٻن سالن کان ترسايو ويندو آهي، اوهان جي بجيٽ ڪيتري آهي؟ ان تي سيڪريٽري ٻڌايو ته هن مهل اسان جي اڪائونٽ ۾ 30 ارب پيا آهن. جسٽس صلاح الدين پنهور رماڪس ۾ وڌيڪ چيو ته هر ضلعي ۾ مزدورن جي ميمبر سازي لاءِ مهم شروع ڪئي وڃي. جسٽس صلاح الدين پنھور رمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته ماڻھن کي ڪوارٽر ڏنا ويا آهن، انهن کي الاٽمينٽ ڇو ناهي ڏني وئي. سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اين آءِ سي وي ڊي ۾ سڀني جو علاج ٿيندو آهي. ھاءِ ڪورٽ بار سکر جي صدر وڪيل قربان علي ملاڻو عدالت کي ٻڌايو ته ليبر ڊپارٽمينٽ ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ٿي رهي آهي. عدالتي حڪمن تحت انڪوائري ۾ ڪرپشن ثابت به ٿي آهي. ان تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن کي هٽايو ويو؟ ليبر ڊپارٽمينٽ وٽ ڪيترا مزدور رجسٽرڊ آهن. سيڪريٽري ليبر موقف اختيار ڪيو ته ليبر ڊپارٽمينٽ وٽ 6 لک مزدور رجسٽرڊ آهن جڏهن ته اندازي موجب سنڌ ۾ 30 لک مزدور آهن، کاتي وٽ 30 ارب روپين جا فنڊ آهن اها رقم اڪائونٽس ۾ فڪس آهي، ليبر ڊپارٽمينٽ وٽ 27 اسڪول آهن جتي پورهيتن جا ٻار پڙهندڙ آهن، پگهارن جي مد ۾ 4 ارب ۽ اسڪالر شپ جي مد ۾ 6 ارب رپيا ساليانو جاري ڪيا ويندا آهن. جسٽس صلاح الدين پنھور رمارڪس ڏيندي چيو ته ايڏي وڏي بجيٽ باوجود مزدورن جي ٻارڙن سٺن تعليمي ادارن ۾ تعليم ڇو نه پئي ڏني وڃي. ليبر ڊپارٽمينٽ ۾ ڀرتيون ٿرڊ پارٽي کان ڪرايون وڃن، اسڪالر شپ واري رقم لاءِ انڊوومينٽ فنڊ قائم ڪيو وڃي. پنجن سان تائين رقم جمع ٿيڻ تي 30 ارب ٿيندا ۽ ٻارڙا سٺي تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا. سمورو مسئلو ورڪر ويلفيئر بورڊ ۾ آهي ان کي درست ڪيو وڃي.