خيرپورناٿن شاھ ( ن پ ا ) ٻوڏ ۾ ٻڏل تعلقا خيرپورناٿن شاھ شاھ جي پي ايس ٽي پاس اميدوارن  40 کان 44 مارڪون مارڪون کڻندڙ وين اسٽاپ کان مھراڻ پريس ڪلب تائين راشد چانڊيو، ساحل، حيدر رند، ايڊووڪيٽ رضا ۽ عقيل احمد جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ان موقعي تي اميدوارن خطاب ڪندي چيو ته تعلقي جون نيون ۽ لڪايل سڀ سيٽون ظاھر ڪيون وڃن. ٻيو ته ٽيون فيز سڄي سنڌ ۾ ڊسمبر کان شروع ٿي چڪو آھي پر  ڪي اين شاھ ۾ شروع ناھي ٿي سگھيو. جلد اميدوارن کي آفر آرڊر ڏئي اسڪولن ڏانھن موڪليو وڃي. هنن الزام هنيو ته ڊي اي او سرور ٻٻر اميدوارن کان 30-30 ھزار وٺي ماڊيفڪيشن پيو ڪرائي ۽ صرف ڪي اين شاھ جا 100 کان وڌيڪ اپائنٽمينٽ آرڊر ماڊيفڪيشن ڪري شھرن جي اسڪولن ۾ استادن کي موڪلي ٻھراڙي جا اسڪول ھٿ سان تباھ ڪيا آھن جنھن ڪري تعلقي جا 50 اسڪول ھن وقت به بند پيل آھن، هنن مطالبو ڪيو ته ٽيم جوڙي ماڊيفڪيشن آرڊر ۽ بند پيل اسڪول نه کلڻ جي صاف شفاف جانچ ڪرائي وڃي. رابطي تي ڊي اي او پرائمري دادو غلام سرور ٻٻر پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڪجھه اميدوار مون تي ھروڀرو الزام ٿا ھڻن جنھن ۾ ڪابه صداقت ناهي جڏھن ٽيون فيز شروع ئي نه ٿيو آهي ته مان ھنن کي آفر آرڊر ڪيئن ڏيندس اھا ڳالھه منھنجي وس جي ناھي