مورو (ن پ ا) مورو ۾ کنڀي گم ڪيل استاد غلام مرتضيٰ لغاري جي آزادي لاءِ 21هين ڏينھن به عورتن، مردن معصوم ٻارڙن، سياسي سماجي تنظيمن، اسڪول جي شاگردن، استادن ۽ شھري امن ڪاميٽي اڳواڻن ريلي ڪڍي علامتي بک ھڙتال ڪئي، ان موقعي تي غلام رضا لغاري، غلام فاطما، فريدهه لغاري، سنڌو، لاڏلي نرجس، ڪونج، اسلم ڪوريجو، اياز لنجار، ياسين سومرو، غلام عباس کوکر، جاويد ڪيريو، قادر ڪورائي، مشتاق سولنگي ۽ ٻين چيو ته نوجوان استاد کي بيگناهه کنڀي گم ڪيو ويو آهي، هن جو ڪنهن به سياسي تنظيم سان واسطو ناهي، هنن چيو ته نوجوان استاد جو جيڪڏهن ڪو ڏوهه آهي ته کيس ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي، ھنن مطالبو ڪيو ته نوجوان کي آزاد ڪيو وڃي، اڳواڻن چيو ته قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ آئين جي ڀڃڪڙي آھي، سنڌ جي نوجوانن کي کنڀڻ جو سلسلو ھاڻي بند ٿيڻ گھرجي.