نئون ديرو (رپورٽ: نورمحمد سومرو) ميونسپل ڪاميٽي نئون ديرو ۾ مڪاني کاتي جي چونڊن جو پهريون مرحلو مڪمل ٿيڻ بعد ڪامياب ٿيل اميدوار چيئرمين شپ حاصل ڪرڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ شروع ڪري ڏني آهي. ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته ڪائونسلر محمد انور ٻرڙو ۽ ڪائونسلر عبدالخالق ڀٽو چيئرمين شپ حاصل ڪرڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ تيز ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته وائيس چيئرمين لاءِ ڪائونسلر ڪاشان قاضي ۽ ظهير ميراڻي پڻ تمام گهڻا سرگرم آهن. نئون ديرو ميونسپل ڪاميٽي جو چيئرمين مخصوص سيٽن تي ايندڙ ڪائونسلرن مان هوندو.