ميهڙ (ن پ ا) ميھڙ جي مشھور واپاري اظھر علي گھانگھرو ۽ سندس پٽ لا جو شاگرد روشن گھانگھرو پريس ڪانفرنس ڪندي ۽ احتجاج ڪندي دانھيو آھي تہ 2 مھينا اڳ منھنجي دڪان مان جوابدار سرعام 20 لک روپين جو ڌاڙو ھڻي ويا ھئا جانچ بعد مون ھڪ سڃاتل جوابدار صادق گھانگھرو ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرايو آھي منھنجي ڌاڙي ۾ ملوث جوابدار جا ويجھا عزيز پوليس اھلڪار محمود گھانگھرو ، قاسم گھانگھرو ۽ ٻيا مون کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن تہ ڪيس تان ھٿ کڻ. قانون جي شاگرد روشن گھانگھرو چيو تہ افسوس جو پوليس جا ڪجھ عملدار جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاء اسان جي ڌاڙي ۾ ملوث جوابدار جي پٺ ڀرائي ڪري اسان کي ڌمڪائي رھيا آھن. انصاف نه ٿيو ته تحريڪ هلائي ويندي.