ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سي ٽي ڊي سکر جي خيرپور ۾ ڪارروائي، پابندي مڙهيل تنظيم جو ڪارڪن  گرفتار، سي ٽي ڊي سکر جي اختيارين موجب خيرپور ۾ درگاهه شاهه اويس قبرستان وٽ ڪارروائي دوران جوابدار رياض احمد پيرزادو کي گرفتار ڪري آٽو ميٽڪ هٿيار، ڊيٽونيٽر، نٽ بولٽ ۽ بال بيئرنگ  هٿ ڪيا ويا، جوابدار بندش پيل تنظيم جسمم جو ڪارڪن هجڻ جو اعتراف ڪيو، رياض ٻڌايو ته ماضي ۾ جسمم ڪمانڊر شبير ملاح ۽ ذوالفقار جمالي جي هدايتن تي دهشتگرد ڪارروايون ڪيون آهن،  سي ٽي ڊي موجب  رياض ريموٽ ڪنٽرول بم ڊوائيس ٺاهڻ جو ماهر آهي، ٻين کي  بم ٺاهڻ جي تربيت به ڏيندو آهي، جوابدار 2013 کان 2020 تائين ريلوي لائين، گيس لائين، بينڪن ۽ مختيارڪار آفيس قاضي احمد ۾ بم ڌماڪا ڪيا، انهن حملن ۾ نظام الدين، شبير ملاح ۽  درياءَ خان  ساڻس گڏ هئا